سکر ۾ ٽريفڪ نظام ڊانواڊول، انتظاميا حددخليون هٽائڻ ۾ ناڪام

سکر ( رپورٽر) سکر شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام ڌرم ڀرم، پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ عملو حددخليون هٽائڻ ۾ ناڪام، اڪثر روڊن تي قبضا ٿيل، انتظاميا خاموش، خبرموجب سنڌ جي ٽين وڏي تاريخي شهر سکر ۾ گذريل ڪيتري ئي  عرصي کان ٽريفڪ جو نظام ناڪارا هجڻ سبب شهري سخت عذاب هيٺ گذاري رهيا آهن. شهر جي گھنٽا گھر، حسيني روڊ، اسٽيشن روڊ، ورڪشاپ روڊ، مشن روڊ، انور پراچا روڊ، مينارا روڊ، نيم جي چاڙهي، پريس ڪلب روڊ سميت اڪثر روڊن رستن تي ٽريفڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ جام رهڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، سکر ميونسپل انتظاميا پاران شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٺاهيل اينٽي انڪروچمينٽ فورس توڙي سکر ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار شهر ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، ان ڏس ۾ شهرين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

لاڙڪاڻي ۾ دڪاندار طرفان گهٽ مقدار ۾ شهري کي اٽو ڏيڻ تان منهن ماري، شهري طرفان ڪارروائي جي گهر

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حڊ جاڙل شاهه روڊ تي قائم ڪرياني جي دوڪاندار ۽ شهري وچ ۾ مبينا طور اٽو گهٽ مقدار ۾ ڏيڻ واري معاملي تان منهن ماري ٿي. ان موقعي تي شهري ظهير لغاري صحافين کي ٻڌايو ته جاڙل  شاهه روڊ تي قائم پنجتي ڪريانه دڪان جي مالڪ فراز شيخ کان مون مڻ اٽو خريد ڪيو هو جنهن جي تور ٻئي دڪان تان ڪرائڻ تي اٽو ڏيڍ ڪلو گهٽ هو ۽ سندس دڪان تي تور دوران ڪلو گهٽ هو دڪاندار مون سان فراڊ ڪري ظلم ڪيو آهي ۽ هن ٻين سان به ساڳي نموني فراڊ ڪيو ويندو. هن مطالبو ڪيو ته فراڊ ڪندڙ دڪاندار خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن اهڙي دانهن تي دڪاندار پاران شهري کي اٽي کي 40 ڪلو اٽو ڏئي گهر روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اهڙي معاملي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.