لعلو رائنڪ لڳ ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي

پکو/لعلورائنڪ( نمائندا )  وڳڻ لڳ قمبر روڊ جي ڪرٽيا رائيس مل وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ واره واسي فرحان احمد  سوڍر ـ ماجد علي سوڍر ۽ گٺ شاخ جي ڳوٺ رانجهو شيخ جا رهواسي گل بهار شيخ ـ صدام حسين شيخ سخت زخمي ٿي پيا .

چمبڙ لڳ رڪشي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2ڄڻا زخمي

چمبڙ (ن ع آ ) چمبڙ ويجھو ٽنڊوغلام علي چمبڙ روڊ چاڪر شاخ روڊ وٽ چنگچي رڪشا ء موٽرساۂيڪل م آمھون سامھون ٽڪر موٽرساۂيڪل سوار 2 ماڻھون  سخت زخمي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ مان ابتداۂي طبعي امداد بعد حيدرآباد ريفر رپورٽ موجب چمبڙ چاڪر شاخ موري وٽ چنگچي رڪشا ء موٽرساۂيڪل م آمون سامھون ٽڪر نتيجي م گلاب لغاري واسي موٽرساۂيڪل سوار 2 ڄڻا 29 ورھين جو ڪامران سمون ء 43 ورھين جو پوڙھو شاھ سخت زخمي اطلاع تي چمبڙ پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي ٻنھي زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو جتي ابتداۂي طبعي امداد ڏيڻ بعد ٻنھي زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن تہ موقعي تان چنگچي رڪشا ڊراۂيور چنگچي رڪشا سميت  فرار ٿي ويو.

ميان صاحب ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ،  ڊرائيور زخمي

ميان صاحب( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ذرخيل لنڪ روڊ تي سارين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ٽاء راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿيو جنھن سبب ٽرالي مٿان ويٺل مزدور معجزاني  طور محفوظ رھيو جڏھن تہ ڊرائيور رضا محمد کوهارو زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو .

ڳڙهي ياسين ڀرسان ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ، واٽهڙو زخمي

ڳڙهي ياسين (ن ع آ )  گولودڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهرام جعفري ۾ جعفري برادري جي ٻن ڌرين محمد ايوب جعفري ۽ محمد بچل جعفري ۾ فائرنگ ٿي پئي ، فائرنگ جي نتجي ۾ رستي ويندڙ ڳوٺ عبدالحق صديقي جو رهواسي 32 ورهين جو نوجوان  قربان علي ديناري سخت زخمي ٿي پيو ، زخمي کي رستي ويندڙ ڳڙهي ياسين اسپتال پهچايو جنهن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو ، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو گولودڙو ٿاڻي تي ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.