مڪلي ۾ سنڌ بروھي اتحاد جي ضلعي صدر جو سئوٽ حملي ۾ زخمي

ٺٽو(بيورو چيف) مڪلي ۾ سنڌ بروھي اتحاد ضلعي ٺٽي جي صدر آزاد بروھي جي سئوٽ ياسر بروھي تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس لٺيون ۽ پٿر ھڻي سخت زخمي ڪري  ڇڏيو، جنھن کي علاج لاءِ سول اسپتال مڪلي آندو ويو، جتي کيس طبعي امداد ڏئي داخل ڪيو ويو آھي. مڪلي پوليس حملي آورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي ۽ نہ ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگھيو ھو.  ان سلسلي ۾ سنڌ بروھي اتحاد ضلعي ٺٽي جي صدر آزاد بروھي، نظام الدين بروھي ۽ ٻين حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مڪلي پوليس کان جلد ھٿياربندن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي.

ٺل ڀرسان ويگن ۽ مزدا ۾ ٽڪر، وين ڊرائيور زخمي

ٺل (ن ع آ) ٺل ڀرسان ويگن ۽ مزدا ۾ ٽڪر،ويگن ڊرائيور زخمي،اسپتال داخل،خبر موجب ٺل ڀرسان جيڪب آباد کان باهو کوسو ويندڙ ويگن جو لاهي چاڙهي وٽ  مزدا سان ٽڪر ٿي پيو،جنهن سبب وين ڊرائيور احسان لاشاري زخمي ٿي پيو،جنهن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

پني عاقل مان چونڊيل ايم پي اي ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو جي ميڊيا ٽرائل خلاف پ پ ڪارڪنن ۾ ڪاوڙ جي لهر

پنوعاقل (ت ر) پنوعاقل مان چونڊيل ايم پي اي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو جي ميڊيا ٽرائل خلاف پيپلز پارٽي جي اڳوڻن ڪارڪنن ۾ ڪاوڙ جي لهر، پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام سيف الله خان ڌاريجو ۽ هاڻوڪي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله  خان ڌاريجو هميشه پنوعاقل ۾ مثالي ۽ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جڏهن ته يوسي بائجي سميت سوين ڳوٺن کي سوئي گئس جون اسڪيمون، روڊ، واهن جو پليون توڙي ڳوٺن ۾ ٽف ٽائل سميت ڪروڙين رپين جا پراجيڪٽ ڏئي مثالي ڪم ڪرايا ويا آهن، اهڙو اظهار پ پ سان لاڳاپيل عهديدارن، ڪارڪنن عبدالرزاق عرف وڪيل خان ڌاريجو، ايڊووڪيٽ نديم جلالي، غلام قادر شيخ، افضل سومرو، شفقت خان چاچڙ، حفيظ ڪلهوڙو، حافظ عزيزالله ڀٽو، محمد خان کوسو، فرحان خان ڌاريجو، ميان نعيم الله، ضمير جلالي، انعام الله سومرو ۽ ٻين چيو ته ڄام ڀائرن جون پيپلز پارٽي ۽ پنوعاقل جي عوام لاءِ ڪيل خدمتون ساراھ جوڳيون آهن، هنن چيو ته ڪجھ شرپسند ماڻهن ڄام اڪرام الله خان خلاف بي بنياد ميڊيا ٽرائل ڪري ڪجھ قوتن کي خوش ڪري رهيا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.