سنڌ مان کنڀيل ماڻهو آزاد نه ٿيا، حيدرآباد ۾سنڌ سڀا جو احتجاج جاري

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سڀا جو حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ۽ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪالهه 17هين ڏينهن به جاري رهي، بک هڙتال تي ويٺل 62 سالن جي حسين ڏاهري ۽ هوشو سنڌي جي طبيعت  ڏينهون ڏينهن خراب ٿيڻ لڳي. صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ سڀا جي پريس ترجمان نعيم سنڌو چيو ته انعام عباسي ۽ سندس ساٿين سان حيدرآباد اسپتال جي جيل وارڊ ۾ ملاقات ٿيندي هئي پر گذريل ٻن ڏينهن کان اسپتال جي جيل وارڊ مان کين نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. اسان سينٽرل جيل حيدرآباد مان به پڇا ڪئي، جتان هن جي غير موجودگي جو ٻڌايو ويو، جنهن ڪري ڳڻتي پکڙجي وئي آهي، هن چيو ته سندن اڳواڻن کي فورن سينٽرل جيل آڻي ملاقات ڪرائي وڃي. بک هڙتال تي ويهندڙ جهوني قومپرست ڪارڪن حسين ڏاهري چيو ته اسان تي بک هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ مختلف طرفن کان دٻاءُ وڌو پيو وڃي، پر اسان واضح ٿا ڪيون ته اسان جي بک هڙتال ختم ڪئي ته اسان جو پنڌ راولپنڊي طرف هوندو، جڏهن ته هوشو سنڌي، هاني بلوچ ۽ شاهه فهد چيو ته انعام سنڌي ۽ ساٿين جي آزادي تائين اسان جي بک هڙتال جاري رهندي. هنن چيو ته سنڌ سڀا جي قافلي تي حملو ڪندڙ خلاف قدم کڻي انعام عباسي تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، سنڌ سڀا قافلي جي ساٿياڻي عذرا کوکر چيو ته اسان پريس ڪلب جي فوٽ پاٿ تي سخت سردي ۾ 17 راتيون گذاريون آهن، پر اسان جو احتجاج انتظاميا کي نظر ناهي آيو. بک هڙتال تي ڪالهه نصيب کوسو، فريد مگسي، ممتاز پنهور، فياض حسين، صائمه پنهور، مومل ڏاهري، منتشا پنهور، وقار سومرو ۽ ٻيا موجود هئا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.