ڏهرڪي ٿاڻي تي جج جو ڇاپو، کنڀيل پيءُ ۽ پٽ جو پتو نه پيو

ڏهرڪي (ت ر)ڏهرڪي ٿاڻي تي سيشن جج گهوٽڪي جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر جو ڇاپو ناحق باندي بڻيل مينگواڙ برادري جا چندو رام  ۽ سندس پٽ اشوڪ ڪمار ججي بازيابي لاءِ ڇاپو هنيو پر پوليس کين ٿاڻي تان ڪڍي ويئي جنهن بعد مغوي جي وارثن مائي طوطي، منورلال ديوان ميڊيا کي ٻڌايو ته ڏھرڪي پوليس جي ڏاڍ ۽ زيادتين جي حد ڪري ڇڏي آهي.  اسين اقليتي برادري جي ماڻهن سان ناانصافي ٿي رهي آهي اسين مسڪين غريب آهيون ڏهرڪي پوليس اسان مٿان ڪنهن بااثر جي چرچ تي ظلم ڪري رهي آهي اسان جو نوجوان اشوڪ ڪمار ۽ والد چندو جي جيڪو بيگناھ ڪوڙي ڪيس ۾ ڏھرڪي ٿاڻي تي گرفتار ٿيل هو ان کي ماني ڏيڻ ويو ته واپس گهر ناهي پهتو پوليس سندن آزادي لاءِ ڳري رشوت گهري نه ڏيڻ تي ڏهرڪي پوليس ٻنهي پئي پٽن کي گم ڪري ڇڏيو آهي ڪالهه عدالتي ڇاپي دوران به ٿاڻي ڪونه مليو اسان کي شڪ آهي ته اسان جو معصوم نينگر اشوڪ ڪمار ۽ چندو جي کي پوليس ڪٿي ماري نه ڇڏي کيس ڏهه جنوري ڏهه تي چندو جي گرفتار ٿيل آهي ان کي به پوليس ڪورٽ پيش نٿي ڪري ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي ماڻهن کي ڏهرڪي پوليس ڪنهن ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي  اسين اعلي حڪام چيف جسٽس سنڌ، وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، آر پي او سکر، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪيون ٿا ته اسان جا بيگناھ کنڀي گم ڪيل نوجوان بازياب ڪرايا وڃن ۽ اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.