گهوٽڪي ۾ چوڪي تي جج جو ڇاپو، نوجوان آزاد

گهوٽڪي (ڊ ر)گهوٽڪي قادرپور چوڪي تي سول جج جو ڇاپو ناحق باندي بڻيل 17 سالن جو نوجوان بازياب ٿي ويوخبر موجب  ڳوٺاڻي عبدالشڪور سندراڻي جي درخواست تي سول جج واجد علي دايو اوچتو قادرپور چوڪي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻيل 17 سالن جي نوجوان عبدالوهاب سندراڻي کي آزاد ڪرائي ڇڏيو آهي.جڏهن ته چوڪي انچارج علي اڪبر ڀٽو کي رڪارڊ سميت سڀاڻي عدالت طلب ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي متاثرن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته پوليس ٻن ڄڻن کي گم کنڀي وئي هئي جنهن مان هڪ ڄڻو آزاد ٿيو آهي . ۽ نوجوان اڪبر سندراڻي اڃان پوليس وٽ آهي جنهن کي پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.