ڪشمور ۾ اغوا ڄاڻايل ناري عدالت ۾ پيش، مڙس حوالي

ڪشمور(ن  ع آ)ڪشمور ھڪ سال اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل بڊاڻي واسڻ حميره سانگي ڪشمور جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ پيش  ٿي پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ جو بيان ڏيئي ڇڏيو آهي جنهن بعد ڪشمور جي ايڊيشنل سيشن جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت حميرا سانگي جي ماءُ آمنہ سانگي جي اغوا واري داخل ڪيس کي خارج ڪندي  حميرا سانگي کي مڙس اصغر ڀٽو سان گڏ رهڻ حڪم ڏئي ڇڏيو خبر موجب ڪشمور مان  سال اڳ حميرا سانگي پنهنجي ماءُ آمنه سانگي ۽ والد ياسين سانگي سان گڏ ڪورٽ کان  واپس ايندي حميرا سانگي جي مڙس اصغر ڀٽو پنهنجي ساٿين سان گڏجي حميره سانگي جي والد ۽ ماءُ کي زخمي ڪري مبينا اغوا ڪري فرار ٿي ويو هو جنهن جو ڪشمور جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ حميرا سانگي کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس هلندڙ ھو حميرا سانگي پنهنجي مڙس سان گڏ ايڊيشنل سيشن جج ڪشمور جي عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو ته مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو مان پنهنجي مرضي سان مڙس ڏي وئي هيس مان پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي ئي پاسي حميرا سانگي جي والد ياسين سانگي ۽ آمنہ سانگي چيو ته ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار سال اڳ اصغر ڀٽو پنهنجي ساٿين سان گڏجي اسان کي رستي ويندي مارڪٽ ڪرڻ بعد سخت زخمي ڪري منهنجي نياڻي کي اغوا ڪري ويا هئا  ۽ منهنجي نياڻي سان مونکي ملڻ به نه ڏيندا هئا.  جڏهن ته  جهه سال اڳ حميرا سانگي ۽ اصغر ڀٽو جي والدين جي رضامندي سان رشتو ڪري ٻنهي جي شادي ٿي هئي جنهن بعد مڙس اصغر ڀٽو طرفان حميرا سانگي کي والدين سان ملڻ کان روڪڻ تي ڌرين ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ حميرا جي ماءُ آمنہ سانگي ۽ والد ياسين سانگي ڌيءَ حميرا سانگي کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جنهن بعد حميرا کي مڙس مبينا اغوا ڪرايو ۽ سال اڳ آمنہ سانگي پنھنجي ڌيءَ حميرا جي اغوا ۽ قتل ٿي وڃڻ جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايا جنهن بعد اڄ حميرا سانگي ڪورٽ ۾ پيش ٿي مڙس سان گڏ رهڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي جنهن بعد ايڊيشنل سيشن ڪورٽ حميرا سانگي جي ماءُ فريادڻ آمنہ سانگي جو داخل ڪيل اغوا وارو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڌريون ٺاھ ڪرڻ تي راضي ٿي ويون آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.