ٺٽو: عوامي تحريڪ جي باني ۽ ڏاهي رسول بخش پليجي جي 91 هين سالگره تقريب

عوامي تحريڪ جي باني قائد ۽ ڏاھي رسول بخش پليجي جي 91 ھين سالگرھ تقريب سندس آخري آرامگاھ جنگشاھي ۾ ملھائي ويئي، پروگرام جو آغاز چادر چاڙھي ڪيو. تقريب ۾ عوامي تحريڪ  ،سنڌياڻي تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، گھنور خان زئور، مٺا خان لاشاري، رزاق چانڊيو، انور پالاري، صحافي اقبال جاکرو ۽ ٻين چيو ته رسول بخش پليجي سڄي زندگي جدوجھد ۾ گذاري، هن قوم کي نوان فڪري لاڙا ۽ مزاحمت جو دڳ ڏسيو. پليجي صاحب جو تيار ڪيل ڪيڊر  اڄ سياست، صحافت ۽ ٻين شعبن ۾ پاڻ مڃرائي رهيو آهي

تقريب کي سنڌياڻي تحريـڪ جي شيربانو سوڍو، سلميٰ لاشاري، لالچند مھيشوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.