گهوٽڪي : قادرپور چوڪي تي سول جج جو ڇاپو، ناحق باندي بڻايل نوجوان آزاد

گهوٽڪي ۾ قادرپور چوڪي تي سول جج  پاران ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل 17 سالن جي نوجوان کي  آزاد ڪرايو ويو ،  ڳوٺاڻي عبدالشڪور سندراڻي جي درخواست تي سول جج واجد علي دايو اوچتو قادرپور چوڪي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل 17 سالن جي نوجوان عبدالوهاب سندراڻي کي آزاد ڪرايو جڏهن ته چوڪي انچارج علي اڪبر ڀٽو کي رڪارڊ سميت سڀاڻي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي متاثرن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پوليس ٻن ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو هو  جنهن مان هڪ ڄڻو آزاد ٿيو آهي ۽ نوجوان اڪبر سندراڻي اڃان پوليس وٽ آهي جنهن کي پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.