احتساب عدالت سنڌ جي وڏي وزير خلاف ريفرنس اعتراض واري واپس ڪري ڇڏيو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي احتساب عدالت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خلاف داخل ريفرنس تي اعتراض واري قومي احتساب بيورو کي واپس ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب احتساب عدالت مراد علي شاهه جي خلاف ريفرنس اڻ پورو هئڻ تي نيب کي واپس ڪيو آهي.

احتساب عدالت نمبر 3 ريفرنس ۾ صفحن جي ترتيب ۽ ريڪارڊ جي بائنڊنگ تي اعتراض واريندي ٻيهر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

خيال رهي ته نيب سنڌ جي وڏي وزير خلاف گذريل ڏينهن ڪوڙي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو.

نيب جي ريفرنس ۾ سنڌ جي وڏي وزير خلاف سنڌ ۾ توانائي منصوبن ۾ اختيارن جي غلط استعمال ۽ فنڊ جاري ڪرڻ جو الزام آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.