ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن پاران مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج جاري

سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن  پاران مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف  سترهين ڏينهن به اي سي ٽو اندر احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ملازمن جي تنظيم سيوا جي سڏ تي محمد علي گهانگهرو , ذولفقار علي رستماڻي , احمد علي ڪنڀر , سهراب برفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ملازمن پاران اڄ سترهين ڏينهن به انتظامي بلاڪ اي سي ٽو اندر احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ،ان موقعي تي سيوا اڳواڻن جو چوڻ هيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران ملازمن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي , مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود به ملازمن جا رهيل مسئلا سالياني انڪريمينٽ، وردي الائونس،حڪومت پاران 10 سيڪڙو وڌايل پگهار ۽ سينڊيڪٽ ۾ مختلف ڪيڊرس جي رکيل پروموشنز سميت ٻيا مسئلا حل  نٿا ڪيا وڃن، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪو ايماندار وائيس چانسلر مقرر ڪيو  وڃي جيڪو ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ سميت  يونيورسٽي جي بهتري لاء ڪم ڪري .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.