پکو ڀرسان قمبر روڊ تي گٺ شاخ وٽ حادثو، 4 ڄڻا سخت زخمي

پکو  قمبر روڊ تي گٺ شاخ وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمھُون سامھُون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،  اطلاع تي وڳڻ پوليس پھچي زخمين کي بروقت علاج لاء وڳڻ جي سرڪاري اسپتال پھچايو جتان کين وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي،  قمبر روڊ تي پيش آيل روڊ حادثي ۾ زخمين جي سڃاڻپ وارھ واسي فرحان احمد سوڍر ،ماجد علي سوڍر ۽ وڳڻ جي ڳوٺ رانجھو شيخ واسي گل بھار شيخ ۽ صدام حسين شيخ طور ٿي آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.