ڪراچي:بيمار، مستحق ۽ فوت ٿيل رانديگرن جي بيواھن لاءِ 90 لک روپين جي منظوري

سنڌ جي راندين واري کاتي پاران 71 بيمار، مستحق ۽ فوت ٿي ويل رانديگرن جي بيواھن جي مالي امداد لاءِ 90 لک روپين جي منظوري ڏني وئي،  سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز سنڌ، سيد امتياز علي شاه جي  صدارت هيٺ انڊوومنٽ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ڪاميٽي جي ميمبرن گلفراز خان، حيدر علي، امداد علي شاہ، رحيم بخش، اصغر بلوچ ۽ لاڳاپيل کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملھه، فوٽبال، ھاڪي سميت مختلف راندين سان لاڳاپيل بيمار ۽ مستحق رانديگرن توڙي فوتي رانديگرن جي بيواھن جا گھربل ڪاغذ چيڪ ڪري انھن جي مالي امداد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس دوران ڪورونا ايس او پيز جو مڪمل خيال رکندي، ماسڪ ۽ ھينڊ سينٽائيزر جو بندوبست ڪيو ويو، جڏھن ته سمورن درخواستگذارن کان لاڳاپيل ڪاغذن ۽ سرٽيفڪيٽن بابت ڪاميٽي ميمبرن پڇاڳاچا پڻ ڪئي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.