ميرپورخاص جي علائقي 78موري ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، يوسي بلوچ آباد 78موري يونين ڪائونسل جي رهواسين هٿن ۾ بينر کڻي صحت جي سهولتن جي کوٽ خلاف نعري بازي ڪئي ، ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته علائقي ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري هتان جا رهواسي سخت پريشانين جو شڪار آهن، هنن ٻڌايو ته علائقي جا 80 سيڪڙو ماڻهو سائي ۽ ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آهن ۽ غريب هجڻ ڪري پنهنجو علاج نه ٿا ڪرائي سگهن ، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي علائقي واسين کي صحت جون سهولتون ڏئي انهن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي