”رڳو بابر اعظم تي ڀاڙڻ بدران ان جا متبادل تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ يونس خان چيو آهي ته رڳو بابر اعظم جي نه ڀاڙڻ گهرجي پر بهتر متبادل رانديگر تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ورچوئل پريس ڪانفرنس دوران اڳوڻي ڪپتان چيو ته پاڪستان کي ڪراچي ٽيسٽ ۾ هوم ڪنڊيشن جو فائدو کڻڻو پوندو، نون رانديگرن کي اعتماد ڏيڻ جي ضرورت آهي، بابر اعظم وڏو رانديگر آهي ۽ اهو ان فٽ ٿيو ته نيوزيلينڊ ۾ ٽيم ناڪام ٿي وئي پر بابر اعظم جي غير موجودگي جو مطلب اهو ناهي ته اسان هارائي وڃون، ان جا بهتر متبادل تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته نون رانديگرن تي يقين ڪندي انهن کي موقعو ۽ وقت ڏيڻو پوندو، عدم ڪارڪردگي تي رانديگرن کي ٽيم کان الڳ نه ڪيو ويندو، انهن تي يقين ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪارڪردگي نه ڏيکاريندا ته انهن کي ضايع نه ڪنداسين پر موقعو ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته رانديگر کي ڪارڪردگي پاڻ ڏيکارڻي هوندي آهي، ڪوچ رڳو رهنمائي ڪندو آهي، وڌيڪ تجربن سان رانديگر ڊبل مائنڊڊ ٿي ويندو آهي، ڪوچن جي ڪارڪردگي جو به جائزو وٺڻ گهرجي، نيوزيلينڊ ۾ شڪست تي خاص طور بالنگ ڪوچ وقار يونس تي تنقيد ٿي، مون تي به تنقيد ڪئي وڃي، خاميون سامهون آنديون وڃن پر ذاتي بنياد تي تنقيد نه ڪئي وڃي، جڏهن ته سٺي ڪارڪردگي تي رانديگرن ۽ ڪوچ کي موٽ ملڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.