چمبڙ ۾رند برادري پاران ٽنڊوالھيار پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

چمبڙ ۾رند برادري پاران ٽنڊوالھيار پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي قدير حسين رند، حاجي محمد رحيم رند، اسلم رند ، صغير حسين ۽ ٻِين جي اڳوڻي ۾ چمبڙ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي ، اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس جا ڪجهھ آفيسر جسڪاڻي ء رند برادري ۾ الطاف جسڪاڻي قتل ڪيس کي جواز بڻائي بنا جواز ٻنھي برادرين ۾ تضاد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ، الطاف جسڪاڻي ڪيس م نامزد جوابدارن جي ڪري پوليس سڄي رند برادري کي ٽارگيٽ ڪري رھي آھي پوليس انهن جي بي ڏوھي ماڻھن کي به کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي، هو پڇڻ چاهين ٿا ته انهن جو ڏوهه ڪهڙو آهي
هنن سنڌ حڪومت کان مطالبوڪيو ته الطاف جسڪاڻي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائي صاف ۽ شفاف تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ڏوھ ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ، رند برادري سان پوليس جي بلاجواز ٿيندڙ زيادتي بند ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.