سنڌ ھاء ڪورٽ سکر سنڌو درياه تي نئين پل جي تعمير جو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ سيد خورشيد احمد شاهه پاران پنھنجي وڪيل محفوظ اعواڻ معرفت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي ، ان موقعي تي ٻي درخواست تي ريمارڪس ڏيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آفتاب احمد ورڙ چيو ته متبادل پل لاء جاري ٿيل رقم ليپس نه ٿيندي ، ضروري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد ڪم شروع ڪيو وڄي ، ٻن مھينن اندر اين ايڇ اي روائيز فزبيلٽي رپورٽ ٺاھي منسٽري آف ڪميونيڪيشن کي ڏني وڃي، عدالت ۾ درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو هو ته لينس ڊائون پل زبون حالي جو شڪار آھي ، پل جي مدت پوري ٿي چڪي آھي ، جنھن ڪري متبادل پل تعمير ڪئي وڄي ،