گم ٿيلن بابت ڪيس: آفيسرن کي جيل موڪلڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري جي عدم بازيابي بابت ڪيس ۾ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هاڻ اهو ڊرامو نه هلندو، گم ٿيل ماڻهو واپس آڻيو، ڇو ته آفيسرن کي جيل ۾ وجهڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 سالن کان گم ٿيل شهري جي عدم بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت پوليس اختيارين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي جيل موڪلي ڇڏينداسين، سيڪريٽرين کي جيل موڪلي سنڌ هاءِ ڪورٽ مثال قائم ڪندي.

جسٽس نعمت الله گم ٿيل شهري يونس جي عدم بازيابي تي سرڪاري وڪيلن جي به ڇنڊ پٽيندي چيو ته هٿڪڙي آڻيو، جاچ آفيسر کي هاڻ ئي جيل ٿا موڪليون، هاڻ اهو ڊرامو نه هلندو، گم ٿيل ماڻهو واپس آڻيو، آفيسرن کي جيلن ۾ وجهڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي.

عدالت گم ٿيلن جي ڪيس ۾ جاچ آفيسر جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ گم ٿيل شهري عبدالرحمان جي عدم بازيابي تي سي سي پي او ڪراچي کي طلب ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حراستي مرڪزن ۾ قيد ماڻهن جي تفصيلن سميت سنڌ جي گهرو کاتي، پوليس ۽ ٻين ڌرين کان 17 فيبروري تي رپورٽون طلب ڪري ورتيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.