شاهبندر(رپورٽ عاجز سنجراڻي) رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس سميت بنيادي مراعتون نہ جاري ٿيڻ خلاف سابق DEO ايجوڪيشن سائين محمد صديق ميمڻ سابق TEO سائين خاد حسين چاوڙو سني تحريڪ جي اڳواڻ مولوي منظور احمد قادري استادن اياز اديب آخوند عبدالغفور سنجراڻي غلام نبي حيدري سنجراڻي رسول بخش ميمڻ انور حسين ميراثي وزير احمد ميراثي نذير احمد شيدي علي اڪبر سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي چوهڙجمالي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي سرڪاري ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ سپريم ڪورٽ پڻ حڪم جاري ڪيو آهي سرڪاري ملازم رٽائرڊ ٿيڻ کان بعد انهن کي سندن سروس مان ڪٽيل گروپ انشورنس جاري ڪيو وڃي هنن چيو تہ سنڌ حڪومت اسان کي جيڪڏهن گروپ انشوررنس جاري نہ ڪيو تہ اسان اهڙا ڌرڻا فيبرري ۾ ٻيهر جاري رکنداسين.