ٽنڊي محمد خان ۾ نينگري جو مائٽن سميت احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) دڙو جي ڳوٺ گل محمد ياداڻي ملاح رهواسڻ 13 سالا ناري ٻاگهل ملاح پنهنجي عزيزن سان گڏ  بااثر عزيزن پونو  ملاح . ميرو   جعمو ۽ انور   ملاح خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي اعلي اختيارين کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي هن  حياتين جي تحفظ لاءٌ ٽنڊومحمدخان پريس ڪلب  پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي  دانهيندي چيو آهي ته منهنجي مائٽن  منهنجي  زبردستي 5 سالن جي ڄمار ۾ نڪاح اسماعيل ملاح سان  ڪرائي ڇڏيو هو جنهن کانپوءٌ هاڻ هو مونکي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي منهنجي هن سان  زبردستي شادي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هن چيو  ته آئون پنهنجي زندگي بچائڻ لاءٌ  در در جو ٺوڪرون کائڻ تي مجبور ٿي جاڙا واهه تي پنهنجي ماسي جي گهر پناهه ورتي آهي هن چيو ته منهنجا بااثر عزيز منهنجي امڙ جا   دشمن بڻجي اسان کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا . هن چيو منهنجي بااثر عزيزن پوليس سان ملي ڪري منهنجي ڀائرن مٿان ڪوڙيون ايف آر داخل ڪرائي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي اسان جي ڪوبه ٻڌڻ لاءٌ تيار نه آهي  اسان غريب مسڪين آهيون بااثر اسان جي ڪنهن به وقت قتل ڪري ڇڏيندا  هن   اعلي اختيارن کان  سندس حياتي جي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.