ڊگهڙي ۾ ڳوٺاڻن جو ٽرانسپورٽ مافيا خلاف احتجاج

ڊگهڙي(ن ع آ)ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ راڻو رمداڻ جي رهواسين،سول سوسائٽي ۽ سماجي اڳواڻن فيض محمد رمداڻ،عطاء الله نوحاڻي،الھبچايو سمون،طيب سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهنکي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ميرپورخاص کان نئون ڪوٽ لائن تي هلندڙ مسافر ڪوچن جو اسٽاف مسافرن کان مقرر ڪيل ڀاڙي(ڪرايي) کان اضافي ڪرايو وصول ڪري رهيون آهن جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي الهبچايو سمون جو چوڻ هو ته آئون ۽ ٽي ڄڻا ٻيا 5جنوري تي ڊگهڙي کان ميرپورخاص وڃي رهيا هئاسين ته اسانکي مسافر ڪوچ جي ڇت تي سوار ڪيو ويو ۽ ڊگهڙي کان ميرپورخاص جو ڪرايو ڏيڍ سئو روپيا في مسافر جي حساب سان ورتو ته اسان اضافي ڀاڙو ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي ڪوچ ڪنڊيڪٽر مڇرجي نازيبا الفاظ ڳالهائيندي اسانجي تذليل ڪئي اهڙي عمل خلاف اسان اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي جهامنداس کي درخواست ڏني جنهنکي لڳ ڀڳ نئون ڏينهن گذرڻ باوجود ڪوبه ڪاروائي عمل ۾ ناهي آئي اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي پاران ڪاروائي نه ڪرڻ کي اسان سمجهون ٿا ته سڀ ڪامورا پاڻ ۾ مليل آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن اوهان غريبن کي انصاف فراهم نٿا ڪري سگهو.  ته غريبن کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو،مسافر ڪوچن ۾ ايس او پيز تي ڪوبه عمل نه پيو ٿئي مسافرن کي ڍورن وانگي سوار ڪيو وڃي ٿو ۽ مسافرن سان ڪوچ عملي پاران جهيڙا ۽ تذليل ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي  هنن وزير ٽرانسپورٽ،ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته مسافرن ڪوچن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسانکي انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.