جيڪب آباد ٽائون ملازمن جو پگهارن لاءِ احتجاج

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد جي لوڪل گورمينٽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ملازمن جو پگھارون نه ملڻ خلاف ضلع ڪائونسل ھال کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو  متاثرملازمن شبير احمد کوسو مظھر ابڙوعدنان بيگ ڏھر وزير علي جمالي الطاف سڌايو ۽ ٻين چيو ته سکر ۽ مانجھند جي ملازمن جون پگھارو ڪافي وقت کان بند آھي جيڪا ملازمن سان زيادتي آھي جيڪب آباد ضلعي جي 20 ملازمن جون به  5 مھينن کان پگھاربند آھي جنهن سبب ملازمن جي گھر ۾ فاڪا ڪشي جيھڙي صورتحال آھي اسان جو مطالبو آھي ته غريب ملازمن کي پگھارو ڏئي ڪافا کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.