قمبر ۾ بجلي بند ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

قمبر( ڊ ر )  سٽيزن فورم طرفان ٻئي ڏينهن تي جمالي محلي ۽ راھوجه ڳوٺ واسين جناح باغ کان احتجاجي مظاهرو اا ھزار بجلي گذريل ٽن مهينن کان ڪٽي سموري علائقي کي جنگي حالتن واري صورتحال ڪري اونداهي  جي  سردي ۾ نمازي وضو جي پاڻي لاءِ به پريشان ڏينهن جو مکين جو آزار رات شرپسندن. چورن. بدمعاشن جو آزار جيڪڏهن ڪجه به ٿيو ۽ ڪو به واقعو پيش آيو ته قمبر واپڊا جا ڪرپٽ لائين سپريڊنٽ لعل محمد راھوجو لائين مين غلام عباس گوپانگ.۽ سجاد گوپانگ ذميوار ھوندا جن سموري باگوديري محلي کي ھاء جيڪ ڪري رشوت عيوض بليڪ ميل ڪري بجلي ھلائڻ جو چيو پيو وڃي   ان موقعي تي اياز جمال چانڊيو،زاھد چانڊيو عابد حسين مڱڻهار غلام شبیر. وحيد عبداقدير۽ ٻين چيو واپڊا جي عملي جي ناجائزن جي حد ٿي وئي رشوت نه ڏيڻ تي شهر جي مختلف پاڙن باگوديرو، جمالي محله،  جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي بنا جواز واپڊا وارن شهرين سان ظلم ڪيو آهي جڏهن اسان هر مهيني بجلي جو بل ڀريندا آهيون راشي عملدارن رشوت نه ڏيڻ تي روز بجلي بند ڪري ڇڏي آهي.  اسان اعلي آفيسرن وٽ دانهيو پر ڪوبه کڙتيل ڪونه نڪتو آهي هنن وس وارن اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.