پکي ۾ صحافي تي قاتلاڻي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو

پکو( ن ع آ ) پکو ۾ قلم ڌڻين طرفان خيرپور ناٿن شاھ پريس ڪلب تي ٿيل حملي ۽ صحافي علي کوسو تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۽ بااثرن طرفان ملندڙ موتمار ڌمڪين واري عمل خلاف پريس ڪلب جي صدر علي گل انقلابي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويو جنھن ۾ قلم ڌڻين محمد علي تيوڻو , عبدالوحيد ميئو , آزاد اياز , تنوير حسين خشڪ , عمران علي خشڪ , ذوالفقار علي بلوچ , نواب تنيو  , عمران الله ميراڻي ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي ,  احتجاج دوران صدر گل انقلابي چيو ته ڪي اين شاھ پريس ڪلب ۽ سينيئر صحافي علي گل کوسو مٿان حق سچ لکڻ تي مٿس قاتلاڻو حملو ڪري کيس زخمي ڪرڻ وارو عمل بزدلاڻو عمل آھي.  , ڪي اين شاھ جي بيباڪ صحافين طرفان معاشري جي گند کي ميڊيا ذريعي ظاھر ڪرڻ تي ڪجھ سماج دشمن عنصرن حق سچ لکندڙ صحافين تي حملو ڪري موتمار نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن جيڪو غيراخلاقي قانوني جرم آھي . , اھڙي عمل خلاف سخت احتجاج ڪيا ويندا , سنڌ جا قلم ڌڻي حق سچ لکندڙ صحافين سان ھر موڙ تي گڏ آھن , رياستي دلال ۽ ڏاڍا مڙس سچي ۽ کري صحافين جو ڪجھ به بگاڙي نٿا سگھن ڇو ته سچ جي قلم جي ھميشه فتح ٿيندي آھي ۽ ھي ڪوڙا ڪانئر ۽ سماج دشمن عنصر سچ جي راھ تي گامزن قلم ڌڻين کي پنھنجي منزل مقصود تان نٿا ھٽائي سگھن , آخر ۾ صحافين آءّ جي سنڌ , ڊي آءّ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ته ڪي اين شاھ پريس ڪلب ۽ صحافين تي حملو ڪندڙ شرپسند گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.