ڏهرڪي : سڱاوتي تڪرار تان نوجوان نياڻي کي اغوا جي ڪوشش ،2 جوابدار سوگها

ڏهرڪي ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان نياڻي کي اغوا ڪرڻ لاءِ سندس گهر تي حملو ڪيو ويو،  ٽن جوابدارن پاران گهرڌياڻين کي مارڪٽ دوران دانهن ڪوڪن تي پاڙي وارن ۽ علائقي جي چڱي مڙس پنهنجي ڪمدارن سان گڏ پهچي برادري جي نياڻي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو ، بروقت ٻن جوبدارن کي سوگهو ڪرڻ بعد ڏهرڪي پوليس حوالي ڪيو ويو ، ڏهرڪي جي جونگ ڪالوني جي رهواسي نظير احمد مهر سندس گهرواري لطيفان مهر ۽ اغوا ٿيڻ کان بچي ويل نوجوان ڌيءَ الهه ورائي مهر سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو  ته انهن الهه ورائي جي مرضي سان سندس مڱڻو هن جي سوٽ محمد عالم پٽ اميد علي مهر سان ڪيو آهي جنهن جي هڪ ڏينهن بعد پنهون مهر، پيراڻو، شبير ۽ بشير احمد مهر پنهنجي ساٿين سميت گهر تي حملو ڪري الهه ورائي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هو سندس ڌيءَ کي اغوا ڪري ان جي مرضي بنا علي محمد پٽ صابو مهر سان پرڻائڻ چاهين ٿا.

ٻئي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل بشير احمد مهر صحافين کي بڌايو ته الهه ورائي جو سڱ انهن جي نوجوان کي مليل هو جنهن کي نظير احمد مهر وارن لڪ ڇپ ۾ ٻئي هنڌ مڱائي سندس پرڻو ڪرڻ چاهيو. اهڙي اطلاع تي نظير احمد کان صرف پڇاڻو ڪرڻ وياسين ته گهر ڀاتين الهه ورائي کي اغوا ڪرڻ جو ڊرامو رچائي انهن  ڪوڙي ڪيس ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي

رپورٽ- رمضان پيرزادو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.