عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان ارڙهين ڏينهن به شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي ، احتجاج جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ امتياز جتوئي، مشتاق چانڊيو نجيب مهيسر ۽ ٻين ڪئي ، ارڙهن ڏينهن کان جاري ڪئمپ تي ميھڙ پوليس انتظاميا جو ايس ايڇ او نور مصطفي پٺاڻ، وڏو منشي اصغر پنهور ۽ ٻيا پوليس عملدار پهچي ويا ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري سندن مسئلن حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي انهن جو احتجاج ختم ڪرايو ، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن پوليس عملدارن آڏو مطالبا رکندي چيو ته ميهڙ شهر مان ڦر ۽ چوري ٿيل شهرين جون سمورن شيون، روڪ رقم، موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو سامان رڪور ڪرائي اصل مالڪن کي ڏنا وڃن، ۽ ملوث ڏوهارين ۽ روپوش جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي
رپورٽ- جميل مهيسر