پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 11 هزار کان ٽپي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 58 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 11 هزار کان ٽپي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ڪورونا وائرس جون 36513 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1800 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي جڏهن ته وائرس سبب 58 فوتگيون به ٿيون.

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا مثبت اچڻ جي شرح 5.6 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 11 هزار کان وڌي 11055 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 5 لک 23011 تائين وڃي پهتا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 35485 آهي.

 ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 1243 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 476471 ٿي ويو آهي.

صوبن جي صورتحال:

سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 236530 ٿي ويو آهي جڏهن ته 3813 ڄڻا هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

پنجاب ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو انگ 150316 آهي ۽ 4460 ڄڻا ان وائرس ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو گڏيل انگ 18600 ۽ فوتگيون 190 ٿي چڪيون آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 63825 ۽ 1791 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8654 ڄڻا ان وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ 243 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا جي مريضن جو انگ 4887 ۽ 101 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

پورٽل موجب وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 40177 آهي ۽ هن وقت تائين 457 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.