غوثپور: ھندن جي روحاني پيشوا جئي ديو مھراج کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب

غوثپور ۾ پنج ڏينھن اڳ ھندن جي روحاني پيشوا ۽ صوفي سنت جئي ديو مھراج جي ديهانت تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شھر جي پريم پرڪاش آشرم ۾ ھڪ تقريب ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ڪشمور۔ ڪنڌڪوٽ۔ بڊاڻي۔ بخشاپور ۽ ڪرمپور مان ڪيترن ئي ھندو برادري جي مردن  توڙي عورتن  عقيدت مندن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ڀڳت اجيت ڪمار ۽ ڀڳت چندي رام صوفيانه ڪلام ڳائي صوفي سنت کي ڀيٽا پيش ڪئي۔ جڏھين ته ميڻ بتيون ۽ ڏيئا ٻاري ھندو برادري جي عقيدت مندن طرفان کيس ڀيٽا ڏني ويئي۔ ان موقعي تي ڀارت جي شھر جئي پور مان پنٿ جي گادي نشين سنت ڀڳت پرڪاش مھراج پنھنجي عقيدت مندن سان ٽيليفونڪ خطاب ڪيو.

رپورٽ- عبدالغفار اوڳاهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.