هالاڻي ڀرسان بس جو  رڪشي کي زور دار ٽڪر، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي

هالاڻي ڀرسان نيشنل ھائي وي روڊ ڳوٺ مٺو خان جوڳي ڀرسان بس جو  رڪشي کي زور دار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڪمال سولنگي واسي عورت مسمات مومل ولد صاحب خان سولنگي ۽ رضا ولد ڀاڳيل سولنگي زخمي ٿي پيا  جن کي کڻائي ھالاڻي  اسپتال پھچايو  ويو ،زخمين ۾ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري  کيس  نواب شاه ريفر ڪيو ويو ،  جڏهن ته بس ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ، پوليس بس کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو،  آخري اطلاع تائين ڪو به  ڪيس داخل نه  ٿي سگهيو ۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.