ڪورونا جي وڌيڪ 2 ويڪسينز جي منظوري لاءِ بندوبست تيز پيا ڪيا وڃن: ڪابينا ڪميٽي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪورونا ويڪسين جي حاصل ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪابينا جي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته وائرس جي وڌيڪ 2 ويڪسينز جي منظوري لاءِ بندوبستن کي تيز ڪيو پيو وڃي.

وزير اعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪورونا ويڪسين کي حاصل ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪابينا جي ڪميٽي هنن کي بريفنگ ڏني.

ڪميٽي ميمبرن وزير اعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه ويڪسينز جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي.

ان کان سواءِ وڌيڪ ويڪسينز جي منظوري لاءِ بندوبستن کي فاسٽ ٽريڪ تي آندو پيو وڃي.

وزير اعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته منظور ٿيل ٻن ويڪسينز کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بندوبست جاري آهن ۽ هن سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ ويڪسينز جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.

عمران خان منظور ٿيل ويڪسينز کي حاصل ڪرڻ ۽ فراهمي جي حوالي سان بندوبستن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڏني.

اجلاس ۾ صنعت واري وزير حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، صحت واري خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.