شيائومي هونئن ته اسمارٽ فونز جي لاءِ مشهور آهي پر هي ڪمپني ڪيتريون ئي ٻيون به ٽيڪنالاجي ڊيوائسز تيار ڪري ٿي، جنهن ۾ ليپ ٽاپس به شامل آهن.
شيائومي نوٽ ليپ ٽاپس جي اڪثر ماڊلز ۾ ويب ڪيمرا موجود ناهي.
اِهو ئي سبب آهي جو هاڻ هن ڪپني مي نوٽ بڪ 14 ليپ ٽاپ متعارف ڪرايو آهي جنهن ۾ويب ڪيم ٽاپ بيزل ۾ لڪيل آهي.
ان ليپ ٽاپ ۾ 10 جنريشن انٽيل ڪور آءِ 5 پراسيسر ڏنو ويو آهي.
هي ليپ ٽاپ 3 مختلف ويزنز ۾ موجود هوندو، جنهن مان هڪ ۾ 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جڏهن ته بيسڪ انٽيل يو ايڇ ڊي گرافڪس 620 يونٽ موجود آهي.
ٻئي ويزن ۾ 512 جي بي اسٽوريج ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٽئين آپشن ۾ 512 جي بي اسٽوريج ۽ انويڊيا جي فورس ايام ايڪس 250 گرافڪس ڪارڊ ان جو حصو آهي.
ٽنهي ويزنز ۾ ڊسپلي 14 انچن جو آهي جنهن ۾ 1080 ع پي ريزولوشن ڏنو ويو آهي.
ان کان سواءِ SATA 3 ايس ايس ڊي ۽ WH 46 بيٽري ڏني وئي آهي.
ٻين فيچرز ۾ وائي فائي 801، 11 اي سي موڊيول، بليوٽوٿ 5.0، 3 يو ايس بي پورٽس، هڪ ايڇ ڊي ايم آءِ پورٽ ۽ هڪ 3.5 ايم ايم آڊيو جيڪ ذڪر جوڳو آهي.
ڪمپني موجب هن جو وزن 1.5 ڪلو گرام آهي جڏهن ته ٿولهه 18 ملي ميٽر آهي.
في الحال هي ليپ ٽاپ ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي قيمت 600 ڊالرز (94 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) کان 680 ڊالر (1 لک 9 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) تائين رکيو ويو آهي.