لعلو رائنڪ: قاضي محلا جي آباد زمين ۾ نالي جي گندو پاڻي داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

لعلو رائنڪ جي  قاضي محلا جي آباد زمين ۾ نالي جي گندو پاڻي داخل ٿي  ويو  20 ايڪڙ زمين هن وقت نيڪال جي گندي پاڻي جي ڪري غير آباد ٿي وئي. گندي پاڻي جي آباد زمينن ۾داخل ٿيڻ خلاف  نوجوان اتحاد  پاران احتجاج ڪيو ويو ،  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندن چوڻ هوته ڪافي وقت کان وٺي لعلورائنڪ جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره ٿي چڪو آهي،  سڄي شهر جي نيڪال جو پاڻي انهن جي آباد زمين ۾ ڇڏيو ٿو وڃي جنهن ڪري  20 ايڪڙ زمين نيڪال جي گندي پاڻي ۾ ٻڏي وئي آهي جيڪا انهن جي گهرن جي ڀرسان آهي،

. ان موقعي تي هنن چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  نيڪال جو سسٽم بهتر ڪيو وڃي ۽ انهن جي زمينن مان نيڪال جو گندو پاڻي ڪڍي انهن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي .

رپورٽ- بدرالدين مغيري

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.