ٺٽي لڳ ڳوٺ ابوڙو جاکري جي رھواسڻ راڻي جاکرو چيو آهي ته سندس پٽ 8 ورهين کان ڀارت جي جيل ۾ قيد آهي ، حڪومت کيس آزاد ڪرائي انهن جي بي چيني ختم ڪري ، صحافين اڳيان دانھيندي سندس چوڻ هو ته نوجوان پٽ محمد يوسف ولد مرحوم طالب جاکرو مڇي جي شڪار تي 8 سال اڳ سمنڊ اندر ھوڙن تي ويو هو جيڪو هن وقت تائين واپس نه ٿيو آهي ، هن ٻڌايو ته سمنڊ مان واپس آيل مهاڻن انهن کي ٻڌايو ته انهن جو نوجوان ڀارت جي جيل ۾ قيد آهي
هن حڪمرانن ۽ مھاڻن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪئي ته سندس جگر جي ٽڪري کي ان سان ملائڻ لاءِ پنھنجي حصي جو ڪم ڪن.
رپورٽ- منصور جلالاڻي