ڄامشورو : شورا برادري پاران پيرسن شخص جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

ڄامشورو ۾ شورا برادري پاران پيرسن عطاءَ الله شورو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ٺٽي جي ڳوٺ بادل شورو جي رهواسين نواب شورو، مجنون شورو , شريف شورو ۽ فقير اشرف شورو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان ٺٽي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته چار مھينا اڳ شورا برادري جي 24 جوابدارن ڳوٺ بادل شوري تي حملو ڪري گھٽي جي معامري تان پيرسن عطاءُ الله شورو کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حملي ۾ 16 ڄڻن کي  زخمي ڪيوويو ، اهڙي معاملي جو ڪيس لوڻي ڪوٽ ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو پر پوليس ۽  ڊاڪٽرن رشوت عيوض انهن جي ڪيس کي خراب ڪيو ،  هن وقت تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه  ٿيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري کين گرفتار ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي.

رپورٽ- صدر جوڻيجو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.