نوڪيا جو پهريون 5 جي فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

ايڇ ايم ڊي گلوبل نوڪيا جو پهريون 5 جي فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

نوڪيا 8.3 فائيو جي گذريل سال متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻ ان جي پاڪستان آمد ٿي آهي.

نوڪيا 8.3 ۾ 6.81 انچن جو آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن ۾ اسڪرين ٽو باڊي ريشو 82.9 سيڪڙو آهي.

فون ۾ پنچ هول ڊيزائن ۾ 24 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ساڄي پاسي ڏني وئي آهي جڏهن ته پڪسل ورڪ چپ ڏني وئي آهي جيڪا ايس ڊي آر کي ايڇ ڊي آر مواد ۾ تبديل ڪري ٿي.

فون ۾ اسنيپ ڊراگون 765 جي پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

4500 ايم اي ايڇ بيٽري لاءِ 18 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي جڏهن ته ڊوئل بينڊ وائي فائي جو فيچر به ڏنو ويو آهي.

ڪمپني جي دعويٰ آهي ته بيٽري عام استعمال ۾ 2 ڏينهن تائين آرام سان ڪم ڪري سگهي ٿي.

فون ۾ اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم موجود آهي پر ان کي جلد اينڊرائيڊ 11 سان اپ ڊيٽ ڪيو ويندو.

ان فون ۾ بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي، ان کان سواءِ 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ اينگل ڪيمرا ڏني وئي آهي جيڪا ڪمپني موجب گهٽ روشني ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٿي جڏهن ته فور ڪي يو ايڇ ڊي ريڪارڊنگ به ڪري سگهي ٿي.

ان کان سواءِ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سنسر ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا ڏني وئي آهي ۽ اِهي چار ئي ڪيمرائون زئيسس آپٽڪس سان ليس آهن جڏهن ته فرنٽ تي 24 ميگا پڪسل ڪيمرا موجود آهي.

ڪيمرا سسٽم ۾ سنيماٽڪ ايفيڪٽس ڏنا ويا آهن جيئن صارف پنهنجي ويڊيو هولي ووڊ اسٽائل سان ڪري سگهي جڏهن ته ايڪشن موڊ به شامل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۾ هي فون 1 لک 15 هزار رپين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن کي خريدڻ تي ايڊوانس ٽيلي ڪام طرفان 128 جي بي جو ايس ڊي ڪارڊ مفت ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.