گهوٽڪي: حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف چاچڙ برادري  پاران احتجاجي مظاهرو

گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف چاچڙ برادري  پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ڳوٺ ملهار چاچڙ جي رهواسين شاھ مور , نثار احمد چاچڙ ،عبدالجبار چاچڙ , اعجاز احمد چاچڙ ۽ ٻين اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن بااثر محمد علي چاچڙ ۽ ٻين انهن مٿان حملو ڪري انهن جي ٻن ڄڻن محمد شعبان چاچڙ ۽ افضل چاچڙ کي سخت زخمي ڪري وڌو ،  جڏهن ته انهن اهڙي اين سي گهوٽڪي ٿاڻي تي درج ڪرائي پر پوليس جوابدارن کي اڃان تائين گرفتار نه ڪيو آهي ، هنن  آءِ جي سنڌ , ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي .

رپورٽ- آزاد مهر

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.