گهوٽڪي ۾ چاچڙ برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي باءِ پاس اين ايچ ڊبليو لڳ مرشد مھراڻ پمپ ڀرسان چاچڙ قوم جي ٻين ڌرين ۾ زميني ڳالھه تان جهيڙو،نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا  محمد شعبان ولد محمد حيات چاچڙ عمر 35 سال  ۽ محمد افضل ولد محمد عارف چاچڙ عمر 30 سال سندس ڀاءُ امير بخش چاچڙ ويٺل ڪچوٻنڊي ڳوٺ ابراهيم چاچڙ زخمي ٿي پيا ، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو. هوڏانهن زخمين جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا نوجوان گهر کان گهوٽڪي آيا هئا جنهن کانپوءِ محمد علي چاچڙ ۽ ملهار چاچڙ وارن حملو ڪري اسان جي نوجوان کي بناجواز گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ذريعن جي ڄاڻ موجب واقعو پراڻو زمين جي تڪرار جو ٻڌايو پيو وڃي. جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا، وڌيڪ پوليس جاچ ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.