ميرپورخاص ۾ حددخلين تان جهيڙو، 2 ڄڻا گرفتار

ميرپورخاص (بيوروپورٽ) ميونسپل ڪاميٽي ميرپورخاص جي ايڊمنسٽريٽر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص شاهده پروينڄامڙو پاران بلديا شاپنگ سينٽر ۾ دڪاندارن پاران دڪانن اڳيان غيرقانوني طور حددخليون وڌائڻ ۽ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي اطلاع تي بلديا شاپنگ سينٽر جو اوچتو دورو ڪري دڪاندارن پاران دڪانن اڳيان ٽيبلون، ڪيبنون ۽ ٻيو سامن رکي غيرقانوني طور حد دخليون قائم ڪندڙ دڪاندارن ۽ بلديا شاپنگ سينٽر اندر دڪاندارن پاران حڪومت پاران لاڳو ڪيل ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪندي دڪاندارن هزارين روپيا ڏنڊ لڳائڻ سان گڏ دڪانن اڳيان رکيل صندل، ڪيبنون ۽ ٻيو رکيل سامان کي پنهنجي تعويل ۾ وٺڻ جون هدايتون ڪيون ته ايڊمنسٽريٽر سان گڏ آيل ميونسپل ڪاميٽي جي عملي سامان کڻي ٽرالين ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته دڪاندار مڇرجي اسٽاف سان اٽڪي پيا دڪاندارن جو اسٽاف سان ڏند چڪ ٿيڻ تي دڪاندارن عملي تي اُلرون ۽ گارگند ڪندي مارڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ٻن دڪاندارن کي گرفتار ڪري ورتو، ايڊمنسٽريٽر پاران دڪاندارن تي ڏنڊ هڻڻ ۽ دڪاندارن ۽ عملي ۾ ڏند چڪ ۽ جھيڙي جي اطلاع تي واپاري تنظيمن جا اڳواڻ انيس الرحمٰن، امين ميمن، آصف چوڌري ۽ ٻين ايڊمنسٽريٽر سان ملاقات ڪري بلديا شاپنگ سينٽر اندر دڪاندارن پاران قائم ڪيل غيرقاني حد دخليون ختم ڪرڻ سان گڏ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ ۽ دڪاندارن ڏانهن ڪرائي جي مد ۾ باقي رهتون ادا نه ڪندڙ دڪاندارن کي نوٽيس جاري ڪري کين وقت ڏيڻ بعد ڪرايو ۽ ٻيون رهتون ادا نه ڪرڻ تي دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو جنهن بعد پوليس پاران گرفتار ڪيل دڪاندارن کي آزاد ڪيو ويو.. ان حوالي سان اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي مطابق هر ٽن سالن کان پوءِ ميونسپل ڪاميٽي جي دڪانن ۾ ڪاروبار ڪندڙ دڪاندار 10 سيڪڙو ڪرايو وڌايو ويندو جيڪڏهن دڪاندارن دڪانن جو ڪرايو ادا نه ڪيو آهي ته انهي لاءِ شيڊول ٺاهيو وڃي جنهن تحت دڪاندار پنهنجو رهيل ڪرايو ادا ڪري سگھن جيڪڏهن دڪاندارن سان ناانصافي ڪئي ويئي ته دڪاندار سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.