خير محمد آريجا لڳ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ محمد ٻرڙو جي ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين هڪ ڌر جي شاهن ٻرڙو ۽ ٻي ڌر جي شبيراحمد ٻرڙو وچ ۾ ڪجھ ڏينهن کان تڪرار هلندڙ هو ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي مٿان يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي تي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي هئي جنهن بعد ٻئي ڌريون مورچابند پڻ هيون ڪنهن به وقت ڪوبه جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو پڻ هو. جڏهن ته ٻرڙا برادري جي چڱن مڙسن ممتاز علي ٻرڙو ۽ منظور علي ٻرڙو پنهنجي برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ ساڻ ڪري ٻنهي ڌرين ڏي ميڙ منٿ ڪري ويا ۽ ٻنهي ڌرين کي فيصلي جي لاءِ راضي ڪيو. جنهن بعد ڳوٺ محمد ٻرڙو ۾ پنهنجي برادري گهرائي ٻنهي ڌرين جو ڳالهيون ٻڌيون ۽ فيصلي جي فتويٰ ۾ شبير ٻرڙو کي ڳالهين ۾ ڏوهي قرار ڏنو ويو جنهن ۾ اها فتويٰ ڏني وئي ته شبير ٻرڙو ميڙ منٿ ڪري شاهن علي ٻرڙو جي تڏي تي وڃي شاهن ٻرڙو کان معافي وٺندو جڏهن ته ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي مٿان ايف آءِ آر داخل ٿيل هيون انهن جو خرچ ٻئي ڌريون پنهنجو پاڻ ڪنديون آخر ۾ دعا خير گهري ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پرايا ويا جنهن بعد ڌريون خير کنڊ ٿي ويون واضع رهي ته اهڙو فيصلو ٿيڻ بعد علائقي ۽ ڌرين ۾ خوشيءَ جي لهر ڇائنجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.