ٺٽي لڳ ڊرائيورن جو ڊبل رائلٽي خلاف ڌرڻو

ٺٽو(ڊ ر) هيوي گاڏين وارن کان ڊبل رائلٽي وٺڻ خلاف گاڏين جي ڊرائيورن پاران ڇتو چنڊ لڳ ٺٽو حيدرآباد روڊ تي ٽرڪون، ڊمپر گاڏيون بيھاري احتجاج ڪري ڌرڻو ھڻي بيھي رھيا آھن، جنھن ڪري ٽريفڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين معطل ٿيڻ ڪري گاڏين وارا پريشان ٿيندا رھيا، احتجاج ڪندڙ ڊرائيورن الزام ھڻندي چيو تہ کانئن ٻن ھنڌن تي غيرقانوني طور تي رائلٽي جي اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي، جنھن ۾ ضلعي انتظاميہ جو آشيرواد بہ بااثر ٺيڪيدار کي حاصل آھي، ھنن مطالبو ڪيو تہ فورن کائن ڊبل وٺندڙ ريالٽي ٽيڪس ختم ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ مسئلن جي حل تائين سندن احتجاج جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.