ڪراچي: اجتماعي زيادتي جي شڪار جيڪب آباد واسي نينگري جو والده سميت احتجاج

جيڪب آباد ڀرسان بچل شاهه پاڙي جي رھواسڻ اجتماعي زيادتي جي شڪار 13 ورھين جي نينگري ارم ابڙو پنهنجي ماءُ زميرا سميت انصاف نه ملڻ خلاف  ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي نينگر جي ماءَ زميرا چيو ته ٻه سال اڳ هن جي ڌيءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي ۽ هن وقت تائين انصاف ناهي ملي سگهيو ، ھنن چيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي حوس جي شڪار نينگري جو ڪيس ھٿ سان وٺي لوڙھڻ چاھي ٿي

هنن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته انهن  جو ڪيس ڪراچي ڪورٽ ۾ ٽرانسفر ڪرائي انهن کي انصاف ڏياريو وڃي جيڪڏهن هتي به انهن کي انصاف نه مليو ته هو روڊ تي بيهي پنهنجو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديون

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.