ملير:اسٽيل ملز جي برطرف پورهيتن وٽ راشد محمود سومرو پهچي ويو،سهڪار جي خاطري

پاڪستان اسٽيل ملز مان جبري برطرف ڪيل پورهيتن پاران گهر ڀاتين سميت اسٽيل ملز جي سي اي او جي گهر آڏو اٺين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، ان  موقعي تي جمعيت علماءَ اسلام سنڌ جو صدر راشد محمود سومرو پورهيتن سان ٻڌي طور ڌرڻي ۾ پهتو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته پورهيتن سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ آهيون، عمران سرڪار ظلم ۽ جبر جي انتهاءَ ڪندي ساڍا چار هزار پورهيتن کي جبري برطرف ڪيو آهي، پنهنجو حق گهرڻ لاءِ سنڌ جون نياڻيون اڄ اٺين ڏينهن احتجاج تي ويٺل آهن، ظالم ۽ جابر حڪمران نشي ۾ ڌت ٿي لاپرواه بڻيل آهن

هن چيو ته هو  اسٽيل مل جي مظلوم پورهيتن جي جدوجهد ۾ انهن سان  گڏ آهن ، انهن جو آواز هر فورم تي اٿاريو ويندو .

رپورٽ- جميل چانڊيو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.