ٽنڊوآدم : صوبائي وزير فراز ڏيرو پاران فلٽر پلانٽ جو سنگ بنياد رکيو ويو

صوبائي وزير فراز ڏيرو پاران 10 وارڊن ۾ مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ 10 ڪروڙن جي لاڳت سان فلٽر پلانٽ جو سنگ بنياد رکيو ويو  ،ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز جتوئي ، سي ايم او محمد ابراهيم عمراڻي ، پ پ اڳواڻ عامر خاصخيلي ، فاروق غوري ، محمد علي بهڻ ، غلام غوث ڊوگر ، محمد آچر ساند ، امتياز آرائين ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا،  پبلڪ هيلٿ کاتي جي ايگزيڪيٽو انجنيئر پير علي رضا شاھ صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير فراز ڏيرو چيو ته جر جو پاڻي زهريلو ٿيڻ سبب شهرين کي واٽر سپلاءِ ذريعي فلٽر ٿيل پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ،هن چيو ته ٽنڊوآدم جي هلندڙ ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرائينداسين بند پيل ٻيراڻي ڦاٽڪ کي کولرائڻ سميت مسئلن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي

بعد ۾ صوبائي وزير مين سنڌي پرائمري اسڪول ۽ بي بي عائشه گرلز اسڪولن جي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ مذڪوره اسڪولن ۾ پهتو جتي شڪايتن تي ترقياتي ڪم ڪندڙ انجئيرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

رپورٽ-سليمان ساند

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.