ڪراچي: ڏات ڌڻي ماڪن شاھ رضوي سميت ٻين اديبن جي مالي مدد نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڏات ڌڻي ماڪن شاھ رضوي سميت ٻين اديبن جي مالي مدد نه ٿيڻ خلاف ليکڪه ۽ ماڪن شاھ رضوي جي گهرواري امر  خورشيد رضوي ثقافت کاتي پاران انڊومينٽ فنڊ نه ملڻ خلاف گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو ، هن الزام هڻندي چيو ته  ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ صوبائي وزير سردار شاھ علاج لاءِ  هڪ لک  رپيا ڏنو. جنهن بعد هلندڙ علاج دوران پئسا واپس ورتا ويا. هن چيو ته ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ ۽ اڪبر لغاري پاران  فنڪارن ۽ ڏات ڌڻين کي علاج سميت ٻين سهولتن لاءِ  رلايو پيو وڃي.

هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انڊومينٽ فنڊ ذريعي ملندڙ مالي سهائتا فوري طور جاري ڪري کين  وڌيڪ ڏکيائين کان بچايو وڃي.

رپورٽ-صادق سومرو

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.