اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا هئا، معطلي سمجهه کان ٻاهر آهي: علي زيدي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير علي زيدي اليڪشن ڪميشن طرفان رڪنيت معطل ٿيڻ تي حيرانگي جو اظهار ڪيو آهي.

اليڪشن ڪميشن اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي وفاقي وزيرن علي زيدي ۽ فواد چوڌري سميت 154 قومي، صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي آهي.

ان حوالي سان بيان ۾ علي زيدي چيو ته مان پنهنجو ٽيڪس ريٽرن 28 ڊسمبر 2020 تي جمع ڪرائي ڇڏيو هو، جڏهن ته اثاثن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن 5 جنوري تي جمع ڪرائي چڪو آهيان، اليڪشن ڪميشن جو معطلي جو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.