براڊ شيٽ معاملو: وزيراعظم 3 رڪني ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان براڊ شيٽ معاملي تي 3 رڪني ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته براڊ شيٽ معاملي تي وزيراعظم 3 رڪني ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

سندس ٽوئيٽ موجب ڪميٽي جو ڪنوينر شبلي فراز هوندو، جڏهن ته شيرين مزاري ۽ فواد چوڌري ڪميٽي ۾ شامل هوندا.

هن ٻڌايو ته ڪابينا ڪميٽي 48 ڪلاڪن ۾ براڊ شيٽ معاملي تي سفارشون پيش ڪندي، ان معاملي ۾فائدو ڏيندڙ ۽ فائدو کڻندڙ سڀني ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.