جمهوري عمل ۾ ادارن جي مداخلت ختم ٿيڻ گهرجي: مريم نواز

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو پي ڊي ايم ڪندي، چاهيون ٿا ته سياست ۾ غير جمهوري قوتن جي مداخلت نه هجي.

پي ڊي ايم اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نواز شريف پهرين ڏينهن ئي چئي ڇڏيو هو عمران خان هڪ مهرو آهي، ادارن جي جمهوري عمل ۾ مداخلت ختم ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته اسان جا ڪنهن سان بيڪ ڊور رابطا ناهن، حڪومت کي پنهنجي پاڻ کان ئي خطرو آهي، انهن جو دم هر خواهش تي نڪري رهيو آهي پر انهن جي هر خواهش پوري نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.