پي ڊي ايم رڳو اپوزيشن جماعتن نه عوام جي به تحريڪ آهي: شازيا مري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته پي ڊي ايم رڳو اپوزيشن جماعتن جي نه پر عوام جي به تحريڪ آهي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شازيا مري چيو اسان کي اندازو نه هو ته حڪومت ايڏي نااهل ثابت ٿيندي، وفاقي ڪابينا جي اجلاسن ۾ جيڪا ڊرامي بازي ٿيندي آهي، اها سڀني جي سامهون آهي.

هن چيو ته خطي جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو پراجيڪٽ بي آر ٽي منصوبو آهي، شگر اسڪينڊل ۾ جهانگير ترين خلاف اڃا تائين ڪا ڪارروائي نه ٿي، پاڪستان اسٽيل ملز ملازم ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، هوابازي جي وزيرن جي بيانن سان پاڪستان جو دنيا ۾ تماشو ٿيو، ملائيشيا ۾ مسافرن سوڌو جهاز قبضي ۾ ورتو ويو.

سندس چوڻ هو ته انهن مافياز سان گڏجي ملڪ لٽيو آهي، حڪومت کي پارليامينٽ تي اعتماد ناهي، ملڪ کي آرڊيننس فيڪٽري بڻايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.