قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ فقير ميانداد سيلاني جي ڪوٽ ۾ شاندار مچ ڪچھري

قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ فقير ميانداد سيلاني جي ڪوٽ ۾ سنڌ سگھڙ لوڪ ادب سلاوا پاران هرسال وانگر هن سال به شاندار مچ ڪچھري ڪوٺائي وئي، ڪچھري ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ ، پي پي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو خاص شرڪت ڪئي، ڪچھري ۾ سگھڙن، فنڪارن، سازندن پنھنجي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد ماڻيو، ڪچھري ۾ ايشيا جو مشھور ڪلاسيڪل گويي خانصاحب استاد فتح علي خان، سرندي نواز آج کا بيجل محمد حسن ملاح، الغوزي نواز نجن کوسو، سگھڙن منٺار فقير ٻگھيو جنرل سيڪريٽري سلاوا، گھرام جتوئي ن صدر سلاوا، علي حسن چانڊيو، غلام رسول سنباڻي سکر جڏهن ته علي بخش مري، منير ڪنڀر ء نواب سنجراڻي نڙ بيت ٻڌائي داد ماڻيو. تقريب ۾ صوفي فنڪار ڀائرن رضوان علي چانڊيو ء ڪامران علي چانڊيو آيل مھمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندا رهيا. ڪچھري ۾ غلام قادر چانڊيو چيو ته فقير ميانداد سيلاني ۽ سندس پٽن جون ثتافتي حوالي سان ڪيل خدمتون قابل تعريف آهن ،گهٽ وسيلن هوندي ذاتي ڪوششن سان جوڙايل ميوزم ء لائبريري ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي

رپورٽ -مومن جوڻو

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.