حريم شاهه هٿان چماٽ کائيندڙ مفتي عبدالقوي جو بيان سامهون اچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ گرل حريم شاهه هٿان چماٽ کائيندڙ مفتي عبدالقوي جو بيان سامهون اچي ويو.

سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ حريم شاهه مفتي عبدالقوي کي چماٽ هڻي رهي آهي.

حريم شاهه به مفتي عبدالقوي کي چماٽ هڻڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان جو جواب جلد سڀني کي ملي ويندو.

ان معاملي تي هاڻ مفتي عبدالقوي جو ردعمل به سامهون اچي ويو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته هڪ ٽي وي پروگرام لاءِ حريم شاهه ۽ مون کي ڪراچي گهرايو ويو هو، هوٽل ۾ ويٺو موبائل استعمال ڪري رهيو هيس ته حريم شاهه اوچتو ڪمري ۾ آئي ۽ چماٽ هڻي هلي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.